وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اقليتن جي قومي ڏينهن تي قوم سان گڏ پنهنجي غير مسلم پاڪستانين کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جمعي ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اقليتن مادر وطن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن تي هو انهن جو شڪريو ادا ڪن ٿا، پاڪستان جو خواب اسان جي اقليتي برادرين کانسواءِ نامڪمل آهي، جيڪي پاڪستاني قوم جو لازمي حصو آهن. هن چيو ته مان هن ڏينهن تي اهو به عهد ڪريان ٿو ته انهن جي بااختيارگي، شموليت، ترقي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪندو رهندس.