وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي جرمن سفير سان ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن ۽ ٻوڏ متاثرین لاءِ تعاون تي ڳالهيون

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف جرمني جي سفير اناليپل سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، ٻوڏ متاثرين لاءِ امدادي قدم، ماحولياتي تبديلي، جديد زرعي ۽ گرين ٽيڪنالاجي، هنرمند ماڻهن جي ڏي وٺ، تعليم ۽ تربيت جهڙن اهم شعبن تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات دوران مريم نواز جرمن سفير جي آجيان ڪندي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان پوءِ جرمني طرفان ڏيکاريل يڪجهتي ۽ تعاون جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ماحولياتي تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سرحد پار اسموگ ۽ ٻوڏ جهڙن چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جرمني جي ٽيڪنيڪل مدد اهم ثابت ٿي سگهي ٿي. وزيراعليٰ مريم نواز جرمني جي ووڪيشنل ٽريننگ ماڊل جي تعريف ڪندي چيو ته ان کي پنجاب ۾ وڌائڻ جو ارادو آهي. هن ٻڌايو ته 2024 ۾ پاڪستان ۽ جرمني جي ٻطرفي واپار جو حجم 3.63 بلين ڊالر رهيو، جنهن ۾ پاڪستان جو توازن مثبت رهيو. هن وقت پاڪستان ۾ 40 جرمن ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي روزگار جا موقعا پيدا ڪري رهيون آهن. ملاقات ۾ تعليم، شاگردن جي ڏي وٺ، نصاب ۾ جدت، راندين جي ميدان ۾ تعاون ۽ جرمن جونيئر هاڪي ٽيم جي لاهور جي دوري تي به ڳالهيون ٿيون. مريم نواز لاهور ۾ قائم انا ميري شممل هائوس جي خدمتن کي ساراهيو. ٻوڏ بابت ڳالهائيندي مريم نواز ٻڌايو ته ٽن دريائن ۾ ساڳئي وقت مٿانهين ٻوڏ ۽ برساتن سبب پنجاب سخت متاثر ٿيو. پنجاب حڪومت وقت سر لڏ پلاڻ، ريسڪيو ۽ رليف آپريشن سان لکين جانورن کي بچايو. 2.2 ملين چوپائي مال کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فيلڊ اسپتالن، ڪلينڪ آن ويل ۽ رليف ڪيمپن ذريعي صحت جون سهولتون به مهيا ڪيون ويون. جرمن سفير واسا ايڪسپو جو دورو ڪندي پنجاب حڪومت جي قدمن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ڏوراهين علائقن ۾ به مثالي ڪم ڪيا ويا آهن، جيڪي ساراهه جوڳا آهن.