خيبرپختونخواهه ۾ 2 واقعن دوران پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد جڏهن ته هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي آءِ ايس پي آر موجب ضلعي خيبر جي علائقي تيراهه ۾ انٽيلجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي جڏهن ته 2 دهشتگرد زخمي ٿي پيا جن کي سيڪيورٽي فورسز گرفتار ڪري ورتو دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ آيو آهي. دهشتگرد علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي خلاف دهشتگردانه ڪارروائين ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا هڪ ٻئي واقعي ۾ ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي سرويڪاني جي علائقي ۾ هڪ دستي بم جو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 بهادر سپاهي، سپاهي بنارس خان ۽ سپاهي عبدالڪريم شهيد ٿي ويا علائقي ۾ موجود دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.