وزیراعلیٰ جي هدايت تي ڪالهه پنجاب پوليس رواجي بدمعاشي ڪئي: فيصل چوهدري

تفصيلن موجب، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي وڪيل فيصل چوهدري چيو ته ڪالهه جي ڊرامي جو اڄ اختتام ٿيو، وزيراعليٰ جي هدايت تي ڪالهه پنجاب پوليس رواجي بدمعاشي ڪئي. فيصل چوهدري چيو ته جيل مان نڪتل اسانجي رهنمايان کي غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو، عدالت جي حڪم تي اسان پنهنجن رهنمائن کي ٽرائل لاءِ وٺي ويا هئاسين، ان دوران اڊياله چوڪي جي آفيسرن ڪنهن نامعلوم جاءِ تان هدايتون وٺيون، جج صاحب پوليس جي کلاس وٺندي سڀني فردن کي آزاد ڪيو. هن چيو ته حڪومت سياسي بحران مان فائدو وٺندي آهي، ان لاءِ ان کي ختم ٿيڻ نٿو ڏي، بحران ۾ گهٽتائي ڳالهين سان ٿي سگهي ٿي جنهن کي سبوٽاژ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عمر ايوب جي گرفتاري حقيقت ۾ مذاکراتي ڪميٽي کي سبوٽاژ ڪرڻ جي ڪوشش هئي. فيصل چوهدري چيو ته عدالتي حڪمن کي هوا ۾ اڏايو پيو وڃي، آئين ۽ قانون سان کيڏڻ جو نوٽيس ورتو وڃي، عوام ۾ موجود غم ۽ غصو عدالتن ئي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون. فيصل چوهدري وڌيڪ چيو ته پاڪستان تيزي سان تصادم طرف وڃي رهيو آهي، اڳي ئي تمام دير ٿي چڪي آهي، ان لاءِ عدالتي وقار جي حفاظت ڪئي وڃي.