وزیراعلیٰ پنجاب کا 3200 صحافیوں کو پلاٹ دینے کا فیصلہ

اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وڏي وزير 3200 صحافين کي پلاٽ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سڌ سماءَ واري وزارت کي جرنلسٽ ڪالوني لاهور فيز 2 لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ جلد کان جلد پلاٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو جلد کان جلد قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ لاء جاري ڪيا ويا.مريم نواز چيو ته صحافي ۽ حڪومت هڪ گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن. صحافين کي پلاٽ ڏئي احسان نه ڪيو پيو وڃي، اهو سندن حق آهي. صحافين کي ميرٽ ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد پلاٽ ڏنا ويندا.هوڏانهن پنجاب جي اطلاعات واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لاهور پريس ڪلب کان علاوه ٻين صحافين کان به درخواستون طلب ڪيون وينديون ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اشتهار جاري ڪيو ويندو.