اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 2026-27 جي بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس طلب ڪري ورتا آهن۔
تفصيلن موجب قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 5 جون تي شام 5 وڳي ٿيندو، جڏهن ته سينيٽ جو اجلاس به ساڳئي ڏينهن شام 6 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، جتي وفاقي بجيٽ پيش ڪئي ويندي۔
صدرِ مملڪت آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔
وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، يعني 4 جون تي پاڪستان جو معاشي سروي جاري ڪيو ويندو، جنهن ۾ ملڪ جي معيشت، ترقياتي هدفن، زرعي، صنعتي ۽ مالي شعبن جي ڪارڪردگي بابت تفصيل پيش ڪيا ويندا۔
ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ مهانگائي، ٽيڪس سڌارن، ترقياتي منصوبن ۽ عوامي رليف بابت اهم اعلانن جو امڪان آهي۔