وفاقي حڪومت جي حڪم تي سيپڪو ڪنڌڪوٽ سرڪل پاران غوثپور شهر ۾ ڪنڊا ڪنيڪشن ۽ باقيات خلاف گرينڊ آپريشن ايس ڊي او سيپڪو آفتاب احمد کوسو جي اڳواڻي ۾ سڄي شهر جي مختلف پاڙن ۾ آپريشن ڪيو ويو سوين غير قانوني ڪنڊا ڪنيڪشن ڪٽيا ويا ڪيترو به بااثر هجي، بجلي چورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنھن کي به بجلي چوري نه ڪرڻ ڏني ويندي/ايس ڊي او سيپڪو بلن جي وقت تي ادائگي نه ٿيڻ جي صورت ۾ به ڪارروائي ڪئي ويندي۔ اسانکي مٿان کان سختي سان ھدايتون ڏنيون ويون آھن/لائين سپريڊنٽ عزيز باجڪاڻي ڪنڊا ڪنيڪشن باقاعده ميٽر ٿيڻ گهرجي نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ايس ڊي او سيپڪو وڌيڪ چيو ته سچي پاڪستاني هجڻ جو ثبوت ڏيو ۽ بجلي چورن خلاف ڪارروائي ۾ اسان جو ساٿ ڏيو۔۔