وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي پي ٽي آءِ حڪومت کان به خراب آهي: شاهد خاقان عباسي

 اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي تحريڪ انصاف جي حڪومت کان به وڌيڪ خراب آهي. لنڊن ۾ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته عوام پاڪستان کي زبردست موٽ ملي آهي، پارٽي تيزي سان اڳيان وڌي رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي تحريڪ انصاف جي حڪومت کان به وڌيڪ خراب آهي، ٻئي طرف اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته اسان  ڪنهن جي هنج ۾ ويهي اقتدار ۾ نه اينداسين، مسلم ليگ پنهنجو  رستو وڃائي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ هن وقت وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته هاڻ اها نوازشريف جي مسلم ليگ به نه رهي آهي. اڄ ته  ناٺين، ڌيئرن ۽ ڀائرن جي حڪومت اچي وئي آهي جنهن ۾ عوام کي ڪوبه رليف نه ملي رهيو آهي.