وفاقي سرڪار ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ناڻي واري وزير ڊيزل جي قيمت ۾ 1 روپيو 77 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ساڳئي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ناڻي واري وزارت موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ روپيو 35 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2 روپيه 12 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي ناڻي واري وزارت چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت 279 روپيه 75 پئسا ساڳئي رهندي. جڏهن ته ڊيزل جي نئين 285 روپيه 58 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت موجب نيون قيمتون 16 مارچ کان 31 مارچ تائين لاڳو رهنديون.