وفاقي سرڪار ڊي جي ايف آءِ اي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، آءِ جي خيبرپختونخواهه به فارغ

  وفاقي سرڪار ڊي جي ايف آءِ اي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، انهي کان علاوه آءِ جي خيبرپختونخوانخواهه کي به تبديل ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب انساني اسمگلنگ جي وڌندڙ واقعن کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهباز شريف ڊائريڪٽر جنرل فيڊرل انويسٽيگيشن احمد اسحاق جهانگير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، کيس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ او ايس ڊي مقرر ڪيو ويو آهي. حڪومتي ذريعن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم ڊي جي ايف آءِ کي هٽائڻ جي باضابطه طور منڊي ڏني، جنهن کان پوءِ کيس هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ انساني اسمگلن جي واقعن ۾ اضافي سبب اعليٰ سطح تي اهو قدم کنيو ويو، يونان ۾ ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستاني پرڏيهه  ويندڙن جي فوتگين جي جاچ ۾ سست رفتاري تي به ڊي جي ايف آءِ اي احمد اسحاق جهانگير کي عهدي تان هٽائڻ جو سبب بڻيو. پر انهي جي جڳهه انهي عهدي تي نئين مقرري بابت اڃان تائين ڪوبه حتمي فيصلو سامهون نه آيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته حڪومت طرفان خيبرپختونخواهه صوبي ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس اختر حيات گنڊاپور کي به  سندس عهدي تان هٽايو ويو آهي، وفاقي سرڪار انهي حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اختر حيات گنڊاپور جي جڳهه گريڊ 21 جي ذوالفقار حميد کي خيبرپختونخواهه جو نئون آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ٿي چڪو آهي، اختر حيات گنڊاپور کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.