وفاقي وزير خواجه آصف جي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور مٿان سخت تنقيد

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته علي امين گنڊاپور ٻيهر ڪارڪنن کي ڇڏي غائب ٿي ويندو ۽ ڪي پي ڪي هائوس مان ٿيندو ڪوهسار جي رستي تان جبلن تي چڙهي 12 ضلعا ڪراس ڪري پشاور اسيمبلي مان نمودار ٿيندو اهو رنگبازي جو اينڊ آهي.دفاع واري وزير خواجه آصف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو جنهن گذريل ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر اسلام آباد تي چڙهائي جي ڌمڪي ڏني هئي.انهي حوالي سان دفاع واري وزير خواجه آصف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته علي امين گنڊاپور ٻيهر ڪارڪنن کي ڇڏي غائب ٿي ويندو ۽ ڪي پي هائوس مان ٿيندو ڪوهسار جي رستي جبلن تي چڙهي 12 ضلعا ڪراس ڪري پشاور اسيمبلي مان نمودار ٿيندو اهو رنگبازي جو اينڊ آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير اعلي امين گنڊاپور اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو هو ته عمران خان سان جيل ۾ جيڪو رويو رکيو پيو وڃي اهو برداشت جوڳو نه آهي. هاڻ اسان پنهنجا حق وٺڻ جي لاءِ احتجاج جو آخري سڏ ڏينداسين. پشاور ۾ 8 نومبر تي ٿيندڙ جلسي جو مقام تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ 9 نومبر تي صوابي ۾ اجتماع ٿيندو.