وفاقي وزير نگران پاور ۽ انرجي جي هدايتن کان پوءِ صوبن وانگر سنده ۾ بي بجلي چورن خلاف

وفاقي وزير نگران پاور ۽ انرجي جي هدايتن کان پوءِ صوبن وانگر سنده ۾ بي بجلي چورن خلاف سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني(سيپڪو) ايگزيڪيوٽو چيف سعيد ورائچ کي هدايت موجب سکر جي مختلف علائقن مان غيرقانوني ڪنڊا ڪنيڪشن تي گريڊ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ عوام کان وڏي پيماني تي بقايائن ۽ غير قانوني ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽي تارن کي ساڙي ڇڏيو تفصيل موجب سکر جي سب ڊويزن سائيٽ جي ايس ڊي او سکر مشتاق احمد قريشي،لائين سپروائزر غلام رسول شيخ ۽ ايل ايس عقيل جي سربراهي ۾ شهر جي مختلف علائقن لال مشائخ، سبزي منڊي، گولي مار روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ آپريشن ڪيو ويو جن ۾ ماڻهن کان بقايا جات وصولي ۽ غير قانوني بجلي چورن جون 25 کان وڌيڪ ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا اهڙي طرح بجلي چورن کي سخت نوٽيس ڏنا ويا آهن نه ته انهن چورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هي آپريشن روزاني بنيادي طور تي جاري رهندو ۽ انهن انڊسٽريز، هوٽلن،دڪانن،پلازن تي نظر رکي ويندي جنهن چورن سهولت ڏيڻ وارن بي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي