وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي ته جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي جو معاملو غور هيٺ آڻڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان، اڳوڻي صدر عاف علوي ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت ڪارروائي ڪرڻ تي به غور ڪري سگهجي ٿو ياد رهي ته وفاقي ڪابينه اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو هو.