اسلام آباد: وفاقي ڪابينه پنجاب ۾ چونڊن جي فنڊز جو معاملو پارليامينٽ ڏانهن اماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب چونڊن جي لاءِ فنڊز بابت سمري پيش ڪئي وئي. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت گذريل ڏينهن جي ڪابينه اجلاس جي روشني ۾ فنڊز بابت سمري اڄ ڪابينه اجلاس ۾ پيش ڪئي جنهن جي ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي.سمري ڪابينه کان منظوري کان پوءِ هاڻ پنجاب ۾ اليڪشن ڪميشن کي فنڊز جاري ڪرڻ بابت فيصلو پارليامينٽ ڪندي. ان حوالي سان قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي فنڊز ڏيڻ جو معاملو پارليامينٽ کي ريفر ڪري ڇڏيو آهي. اهو معاملو بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ ايندو.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 4 اپريل تي حڪم ڏنو هو ته وفاق 10 اپريل تائين 21 ارب روپيه اليڪشن ڪميشن کي ڏئي اليڪشن ڪميشن 21 اپريل تي رقم بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندو.