وفاق بلوچستان سان ملي صوبي جي 28 هزار ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪندو: وزيراعظم

وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق بلوچستان سان ملي صوبي جي 28 هزار ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئٽه پهتو جتي هن وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ هاري پيڪيج جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي اهو اعلان ڪيو هن چيو ته ٽيوب ويلز کي فيڊرز جي بجلي تان هٽائي شمسي توانائي مان حاصل ٿيندڙ بجلي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي هن وقت وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ٿيون آهن. وزيراعظم چيو ته هن سان 28 هزار هاري فائدو حاصل ڪري سگهندا ۽ سال جي 80، 90 ارب روپين جا بجلي جا بل نه پيارڻ جو خسارو وفاق کي ادا ڪرڻو هو ان جي بچت ٿيندي شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن گذريل 10 سالن جو انداز لڳايو وڃي ته 500 ارب روپيه وفاق جا بچي ويندا. سستي بجلي ملندي ۽ فصل وڌيڪ اپت ڏيندا. هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير 3 مهينن ۾ انهي منصوبي کي مڪمل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو آهي جيڪڏهن اهو ڪامياب رهيو ته انهي کي اسلام آباد گهرائي عوامي سطح تي تحسين ڪنداسين.جنهن کان پوءِ صوبائي ڪابينه جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل 10 سالن جي دوران وفاق صوبي کي 500 ارب روپيه ڏنا پر بجلي  جا بل ادا نه ٿيا، وفاق اهو بار پاڻ کنيو. شهباز شريف چيو ته بلوچستان ملڪ جو اهم صوبو آهي اين ايف سي ايوارڊ جي تحت ان جي بجيٽ ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. هن چيو ته ضايع ٿيندڙ 500 ارب روپيه صوبي جي ترقي جي بجيٽ تي خرچ ٿيندا ته بلوچستان تمام گهڻي ترقي ڪندو. هن چيو ته انهي نقصان کي روڪڻ جي لاءِ اسان 28 هزار ٽيوب ويلز کي بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽي انهي کي سولر جا ڪنيڪشن ڏئي رهيا آهيون، سولر بجلي دنيا جي سڀني کان سستي بجلي آهي اها پن بجلي کان به سستي آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اڄ سخت فيصلا نه ڪيا ته 3 سال ڇا پر اسان کي آئنده به  آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو جيڪو اسان جي لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام هوندو جيڪڏهن اسان 3 سالن کان پوءِ به ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ وياسين. هن چيو ته اسان کي هن مهيني آءِ ايم ايف پروگرام کي مڪمل ڪرڻو آهي پوءِ ڏينهن رات هڪ ڪري پريشانين کي ختم ڪرڻو آهي اهو مشڪل آهي پر ناممڪن نه آهي اسان سخت فيصلا انهي لاءِ نه ورتا ته اسان  قيادت تائين عوام کي انهي مهانگائي ۾ ڏسندا رهياسين.  وزيراعظم جي ڪوئٽه پهچڻ تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي استقبال ڪيو.