وفاق سان خدشا برقرار آهن، سنڌ حڪومت جا ڪجهه پراڻا مطالبا جلد حل ڪيا وڃن: شرجيل ميمڻ

 سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جا اڃان ڪجهه پراڻا مطالبا آهن جيڪي اڃان تائين حل نه ٿي سگهيا آهن. سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪيو جتي هو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج به ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت سان اسان جا خدشا برقرار آهن، سنڌ حڪومت جا ڪجهه پراڻا مطالبا اڃان رهن ٿا، حيدرباد سکر موٽر وي سنڌ حڪومت جو پراڻو مطالبو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان سبب معيشت تي سٺا اثر پئجي رهيا آهن. جڏهن ته دنيا هن وقت ڊيجيٽائزيشن طرف وڃي رهي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو ۽ اسحاق ڊار جي ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ اسحاق ڊار کي سنڌ حڪومت جي خدشن کان به آگاهه ڪيو ويو هو.