وفاقي حڪومت نيب ترميم فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي وفاقي حڪومت طرفان مخدوم علي خان نيب ترميم فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي، جنهن ۾ فيڊريشن، نيب ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڌر بنايو ويو آهي. وفاقي حڪومت پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جي تحت اپيل داخل ڪئي وفاق طرفان داخل ڪيل اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار آهي ۽ نيب ترميم سان بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي نٿي ٿئي. سپريم ڪورٽ جو فيصلو پارليامينٽ جي اختيارن کان مٿانهون آهي وفاق پنهنجي اپيل ۾ نيب ترميم جي خلاف فيصلو ڪالعدم قرار ۽ ترميم کي بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.