وينزويلا ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ لڳ ڀڳ 3 هزار تائين، امدادي ڪارروايون آخري مرحلي ۾

وينزويلا ۾ 24 جون تي آيل 7.2 ۽ 7.5 شدت وارن طاقتور زلزلن سبب فوتين جو انگ لڳ ڀڳ 3 هزار تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن.وينزويلا جي اطلاعات واري وزارت موجب زلزلي ۾ 16 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته 6 هزار 309 ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. قائم مقام صدر ڊيلسي روڊريگيز موجب طبي ٽيمن 22 هزار 445 متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪئي آهي، جڏهن ته 30 هزار کان وڌيڪ امدادي اهلڪار، جن ۾ 3 هزار 281 پرڏيهي ريسڪيو ورڪر پڻ شامل آهن، متاثر علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.زلزلي کي ڏهه ڏينهن گذرڻ بعد ريسڪيو ٽيمون زنده بچيل ماڻهن جي ڳولا وارو آپريشن آهستي آهستي ختم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته متاثر خاندان اڃا به پنهنجن پيارن جي ڳولا ۽ ملبو هٽائڻ ۾ مصروف آهن. ماهرن موجب زلزلي کانپوءِ پهريان 72 ڪلاڪ زنده ماڻهن کي بچائڻ لاءِ سڀ کان اهم هوندا آهن، جيتوڻيڪ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ڪجهه ماڻهن کي زنده به ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.