مشهور عالم دين مولانا طارق جميل اسلامي نظرياتي ڪونسل جي فتويٰ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن وي پي اين حرام آهي ته پوءِ موبائل فون جو استعمال به حرام آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ اسلامي نظرياتي ڪونسل ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ(وي پي اين) کي حرام قرار ڏنو هو جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ انهي حوالي سان هڪ نئين بحث شروع ٿي وئي هئي، ٻئي طرف پي ٽي اي وڏي تعداد ۾ غير رجسٽرڊ وي پي اين بلاڪ ڪندي وي پي اين جي رجسٽريشن آسان بنائي ڇڏي آهي. انهي حوالي سان هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي مولانا طارق جميل چيو ته مون کي ته اها به خبر ناهي ته ڪهڙي شرعي ڪونسل فتويٰ ڏنو آهي. جيڪڏهن وي پي اين حرام آهي ته پوءِ ته موبائيل فون به حرام آهي ڇو ته انهي ۾ وي پي اين کان سواءِ ئي تمام گهڻيون شيون ڏسڻ لاءِ موجود آهن. مشهور اسڪالر چيو ته منهنجي خيال ۾ وي پي اين کي حرام قرار ڏيڻ بابت فتويٰ صحيح نه آهي، اها غلط سوچ آهي مان انهي مان سهمت نه آهيان.