وڊيو بيان جو معاملو: بشريٰ بي بي خلاف ٽيليگراف ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل

وڊيو بيان جي معاملي کان پوءِ بشريٰ بي بي جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو، ڊي جي خان ۽ راجن پور ۾ عمران خان جي گهر واري خلاف ٽيليگراف ايڪٽ 1885 جي تحت ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

بشريٰ بي بي جي خلاف پنجاب جي علائقي ڊيره غازي خان جي جمال خان ٿاڻي ۾ غلام ياسين نالي شخص جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ مدعي موقف اختيار ڪيو ته نجي چينل تي بشريٰ بي بي جو بيان ٻڌو جيڪو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش جي هڪ ڪڙي لڳو.

مدعي موقف اختيار ڪيو ته بشريٰ بي بي جو وڊيو بيان پاڪستان جي عوام جا جذبا مجروح ڪرڻ جي برابر ۽ سوچيل سمجهيل سازش آهي انهي ڪري بشريٰ بي بي جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

انهي کان علاوه بشريٰ بي بي جي خلاف راجن پور ۾ به ٽيليگراف ايڪٽ 1885 جي تحت محمد پور گم والا ٿاڻي ۾ حاڪم نالي شهري جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ضلعي ليه ۾ سٽي ٿاڻي ۾ سهيل اشفاق نالي شخص جي مدعيت ٽيليگراف ايڪٽ 129، 1885 جي تحت  داخل ڪيو ويو آهي.