بلوچستان اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز تي صحيح ڪئي وئي تفصيل موجب وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان اسيمبلي ٽوڙڻ جي مشوري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير جو مشورو اڄ منظوري لاءِ گورنر بلوچستان کي موڪليو ويندو. بلوچستان جي نگران وڏي وزير لاءِ اڄ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ ملاقات جو امڪان آهي، جڏهن ته عثمان باديني، شبير مينگل ۽ نصير بزنجو نگران وڏي وزير لاءِ اميدوار آهن.
آصف زرداري پيپلز پارٽي طرفان علي حسن زيدي جو نالو ڏنو، ذريعن موجب بي اي پي، بي اين پي ۽ جي يو آءِ پنهنجي تجويز ڪيل نالن تي بيٺا آهن. ڪنهن به اميدوار جي نالي تي اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو بلوچستان اسيمبلي جو آئيني مدو اڄ پورو ٿيندو، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي سرڪاري رهائشگاهون خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن اسيمبلي سيڪريٽريٽ سمورن اسيمبلي ميمبرن کي خط لکي 12 آگسٽ تائين ايم پي ايز لاجز جا بقايا ادا ڪرڻ ۽ 27 آگسٽ تائين ايم پي ايز لاجز خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. بلوچستان اسيمبلي جي اسٽيٽ آفيسر طرفان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان اسيمبلي جو آئيني مدو 12 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو، تنهن ڪري اسيمبلي جا سمورا ميمبر ايم پي ايز لاجز جي ڪمرن جي چارجز، بجلي، ٽيليفون ۽ گيس جي بلن جا بقايا ادا ڪن. ڏيو ۽ سڀئي ايم ايل ايز 27 آگسٽ تائين ايم پيز لاجز کي خالي ڪن خط ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبلي ميمبر گاڏيون ۽ بقايا ادا ڪري اين او سي حاصل ڪن، اليڪشن ڪميشن اسيمبلي سيڪريٽريٽ کان نااهل ڪندڙن جي لسٽ طلب ڪري ورتي آهي.