وڳڻ (پنهنجو ڊيسڪ) – وڳڻ-لاڙڪاڻو روڊ تي هٿياربندن پاران موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ مبينا ڦورو مارجي ويو ۽ هڪ ڳوٺاڻو سخت زخمي ٿي پيو. ڳوٺاڻن موجب فوت ٿيل مبينا ڦورو جي سڃاڻپ فياض پٽ ذوالفقار چانڊيو طور ٿي، جڏهن ته زخمي نوجوان علي اڪبر چولياڻي کي لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. زخمين جو چوڻ آهي ته هو موٽرسائيڪل تي سفر ڪري رهيا هئا ته هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ اڪبر علي زخمي ٿيو، جڏهن ته ڦورن جي پنهنجي فائرنگ ۾ سندن ساٿي به زخمي ٿي پيو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو. پوليس فرار ٿيل هٿياربندن جي ڳولا جاري رکيو آهي.