يوم الحاق پاڪستان جي موقعي تي صدر، وزيراعظم جو خصوصي پيغام

يوم الحاق پاڪستان جي موقعي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف خصوصي پيغام جاري ڪيا آهن صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڀارتي فوج جي سفاڪيت ڪشميرين جي ارادن کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهي، صدر چيو ته 19 جولاءِ 1947ع تي ڪشميرين پاڪستان سان گڏ الحاق جي قرارداد منظور ڪئي. يوم الحاق ڪشميرين جي پاڪستان سان فطري رشتي جي نشاني آهي صدر آصف زرداري چيو ته ڪشميرين جون قربانيون اڄ سموري دنيا ۾ قرباني جو مثال بڻجي چڪيون آهن، حق خود اراديت ملڻ تائين ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي جدوجهد رائيگان نه ويندي يوم الحاق پاڪستان تي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 19 جولاءِ 1947ع تي ڪشميري عوام پاڪستان سان الحاق جي قرارداد منظور ڪئي. هن چيو ته ڀارت جا 10 لک فوجي به ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي نه دٻائي نه سگهيا. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪشميرين جي ٽئين نسل به حق خوداراديت جي لاءِ پرعزم آهي. ڏهاڪن تي ٻڌل جدوجهد ڪشميرين جي جذبه حريت جو ثبوت آهي، ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ئي خطي جي امن جي ضمانت آهي.