حيدرآباد:سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته يوم مادروطن جو ڏينهن سنڌ سان عهد وفا جو ڏينهن آهي هي مقدس گهڙيون آهن جنهن وقت سنڌ جا لکين پٽ ۽ ڌيئرون مادر وطن سان عهد وفا جو وچن ورجائيندا آهن. هن چيو ته يوم مادر وطن جو جلسو حيدرآباد جي تاريخ جو وڏو عوامي جلسو هوندو. هن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪندي چيو ته يوم مادر وطن جي هن تاريخي ميڙ شريڪ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏي.ٻي پاسي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 24 فيبروري 2023 تي حيدر آباد ۾ ٿيندڙ يوم مادر وطن جي جلسي عام جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. هٽڙي بائي پاس تي وٽ ٿيندڙ جلسي عام لاءِ وڏو پندال تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ لک ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. جلسي جي 140 فوٽ ڊگهو ۽ 50 فوٽ ويڪرو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي.سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي موجب جلسي جي صدارت سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪندو. جڏهن ته سنڌ جا مختلف سياسي، سماجي ،ادبي ، صحافي اڳواڻن سميت مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتون شريڪ ٿينديون. جلسي ۾ هر سال جيان هن سال به يوم مادر وطن ايوارڊ ڏنا ويندا. جلسي جي ٻاهرين پاسي کان مختلف کاڌي پيتي جا اسٽالن سان گڏ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويندا.جلسي جا انتظام سنڀالڻ جي لاءِ هڪ هزار نوجوان رضاڪار پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا. جڏهن ته راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿيندي جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار احمد مغل، ديبا سحر، شفيع فقير، شمن ميرالي، حنيف لاشاري ، نروڌا مالني، وقار ملاح، بيدل مسرور سميت ٻيا فنڪار فن جو مظاهرو ڪندا. جڏهن جلسي مان سڄي سنڌ مان قافلا شرڪت ڪندا