قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گرفتاري ۽ ٻڌڻي هيٺ ڪيسز کي پاڪستان جو اندروني معاملو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب جنيوا ۾ گڏيل قومن جي صوابديدي گرفتاري بابت ورڪنگ گروپ عمران خان جي گرفتاري ۽ ڪيسز کي بناجواز قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي اهڙي عمل کان پوءِ حڪومت جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان هڪ خودمختار رياست آهي جتي عدالتن جي ذريعي آئين ۽ گڏيل قانون تي عمل ٿيندو آهي. پي ٽي آءِ باني کي ملڪي آئين، قانون ۽ عالمي اصولن موجب سمورا حق حاصل آهن، هو هڪ سزا يافته قيدي جي طور تي جيل ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ باني کي رليف مليو. شفاف ۽ منصفانه ٽرائل عدالتي نظام جو مظهر آهي. آئين، قانون ۽ عالمي اصولن کان مٿانهون ڪوبه مطالبو امتيازي، اڻڌري ۽ انصاف جي ابتڙ سڏرائيندو آهي.