ٺري ميرواهه ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

ٺري ميرواھ: ٺري ميرواھ لڳ سوئي گيس مھراڻ هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ ڪار ۾ زوردار ٽڪر حادثي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا فوت جڏهن ته ھڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. مھراڻ هاءِ تي تيز رفتار ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ سبب گمبٽ علاج لاء ويندڙ مسمات حضوران شر ڪائنات شر ۽ ڪار ڊرائيور بشير شر  ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته ھڪ ڄڻو منصور شر سخت زخمي ٿي پيو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي ڪري فوتين ۽ زخمي کي مقامي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار ڪار سوار علاج لاء گمبٽ اسپتال وڃي رھيا ته تيز رفتار ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي ويا جڏھن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ٻئي طرف فوتين جا لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آھي ۽ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي.