ٺري ميرواهه ڀرسان نامعلوم هٿياربندن ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان عورت کي قتل ڪري ڇڏيو

سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ نصير مڱڻيجو ۾ نامعلوم هٿياربندن شعبان مڱڻيجو جي گهر تي حملو ڪري 36 ورهين جي مسمات سرور خاتون کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته سندس مڙس شعبان مڱڻيجو سخت زخمي ٿي پيو واقعي جي اطلاع تي سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش ۽ زخمي کي ضروري ڪاروائي لاء ٺري ميرواھ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانوني ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو