ٺڪراٺو: مبارڪپور پوليس پاران مهتم برادري جي سردار سردار بخش خان مھتم تي ٻھ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مبارڪپور شھر ۾ گھر تي ڪاھ ڪري کيس گرفتار ڪرڻ خلاف مھتم برادري جي سوين ماڻھن خانپور مھر ٺڪراٺو روڊ تي احتجاجي مظاھرو ۽ ڌرڻو ھنيو مظاهرين عبدالمجيدخان هدايت الله خان غلام مصطفیٰ خان مهتم جن جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جو ٺڪراٺو خانپور مهر روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مهتم ۽ مهر برادري ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ آهي جنهن ۾ مهتم سردار پل وارو ڪردار ادا ڪري پيو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مهتم برادري جي ماڻهن ئي دهشتگردي جو ڪيس ۽ مبارڪپور پوليس پاران ڊيوٽي اٽڪاء جا ٻھ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندس گهر تي پوليس چڙهائي ڪري گهر ۾ گهڙي ڪري پٽ سميت گرفتار ڪري کڻي ويئي آھي جيڪو سراسر ناحق آھي اسانجو وڏو ٻنھي ڌرين کي ٺاھ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ھو پر سياسي بنياد تي اسانجي سردار تي ڪوڙا ڪيس ڪري تذليل ڪئي وئي آھي جڏهن تہ مھتم برادري جي استاد مير محمد بيان ڏيندي چيو آھي تہ اسان جي زمين تبادلي ۾ شريف مھتم وٽ گذريل پنجاھ سالن کان آھي ۽ انجي زمين اسان وٽ ھئي جيڪا سردار خان مهتم جي معرفت شريف مهتم کان مھر برادري جي ڌر کي وڪرو ڪري ڇڏي جنھن بعد اسان مسلسل سردار خان مھتم کي مسئلي حل ڪرائڻ لاء چوندا رھيا سي پر سردار خان شريف مھتم واري ڌر جي سپورٽ ڪري رهيو هو ۽ انھنجي مدد ڪري پيو ڪالھ اسانجي پئٽرول پمپ تي مهر برادري جي ماڻهن هٿان فائرنگ ڪرائي اسانجو هڪ ماڻهون پيربخش مهتم سخت زخمي ڪرائي ڇڏيو جيڪو نازڪ حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آهي اسان ان بنياد تي سردار خان مهتم تي قانوني طريقي سان ڪيس داخل ڪرايو آهي هوڏانهن ايس ايڇ او مبارڪپور عدالرحمان ابڙو سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته مهتم ۽ مهر برادري ۾ زمين جي مالڪي تان معاملو هلندڙ آهي ڪالھ شام فائرنگ جي اطلاع تي اسانجي نفري جاء وقوع تي پهتي ته مهر برادري طرفان اسانجي سپاھ تي سڌا فائر ڪيا ۽ اسانجي سرڪاري موبائل کي پڻ سڌا فائر هنيا جنهنجو اسان سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي مظاهرين ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي ته واقعي جي جاچ ڪري مهتم برادري جي سردار تي داخل ڪيل ڪيسن جي انڪوائري ڪري سندن سردار تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ کيس آزاد ڪيو وڃي