ٺڪراٺو: مبارڪپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او پاران ٺڪراٺو ۾ دوڪانن تي بلاجواز چڙهائي ڪري ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو نوجوانن جي وارثن جو ايس ايڇ او خلاف احتجاج پوليس جي اعلیٰ عملدارن کي فوري طور نوٽيس وٺي ڪري نوجوانن کي آزاد ڪرائڻ جي اپيل خبر موجب ٺڪراٺو شهر ۾ وس روڊ تي قائم محمد عيسیٰ مهر جي لڪڙن جي دوڪان تي مبارڪپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او امداد شر پوليس اھلڪارن محمد حسن مهتم، ڄام مهتم، ياسين مڱڻهار، شبير لنڊ، ضياء سومرو، حنيف بوزدار، امتياز ڦلپوٽو ۽ ٻين سان گڏ چڙھائي ڪري نوجوان حسين بخش پٽ سچار فقير مهر ۽ رحيم داد پٽ محمد عيسیٰ مهر کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان رحيم داد مهر جي والد محمد عيسیٰ مهر ميڊيا آڏو دانهيندي الزام هنيو ته مان پنهنجي پٽ رحيمداد ۽ سئوٽ حسين بخش سميت پنهنجي لڪڙن جي دوڪان تي ويٺو هئس جتي ٿاڻو مبارڪپور جي ايس ايڇ او امداد شر پنهنجو عملو ساڻ ڪري دوڪان تي چڙهائي ڪري منهنجي سئوٽ حسين بخش پٽ سچار فقير مهر ۽ منهنجي پٽ رحيم داد کي بلاجواز کنڀي ويو آھي جڏهن ته ان کان ڪنهن فرياد يا اين سي لا۽ پڇيوسين ته هو ڪجھ به ٻڌائڻ کان قاصر آهي ۽ ٻنهي نوجوانن کي ڪالھ کان وٺي گم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته نوجوان مبارڪپور ٿاڻو تي به موجود ناهن اسان کي خدشو آهي ته ايس ايڇ او امداد شر ٻنهي نوجوانن کي فل فراء ڪري ڇڏيندو احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي آ۽ جي سنڌ ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ٿا ڪئي آھي ته فوري طور نوٽيس وٺي اسان جا گم ڪيل نوجوان بازياب ڪرائي ڏنا وڃن ۽ ايس ايڇ او مبارڪپور کي فوري طور هٽائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن ايس ايڇ او مبارڪپور امداد شر سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته اهڙا الزام اسان تي روز لڳندا آهن مون ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪيو.