ٺڪراٺوو : يجھومبارڪپور واسڻ پيرسن عورت جو مبينا زمين تي قبضو ڪندڙ بااثرن ۽ مائٽن جي ناجائزين خلاف قرآن پاڪ کڻي احتجاج

ٺڪراٺو :ويجھو مبارڪپور واسڻ پيرسن عورت مبينا زمين تي قبضو ڪندڙ بااثرن ۽ مائٽن جي ناجائزين خلاف قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪيو آھي پيرسن عورت مائي سوڍي مھتم مبينا مائٽن پاران وڪرو ڪيل سندس حصي جي زمين ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري قرآن پاڪ لوڏي وس وارن کان انصاف جي گھر ڪندي پيرسن عورت مائي سوڍي مھتم دانھيندي الزام لڳايو آھي ته منھنجن ڏيرن وٽ چار ايڪڙ زمين آھي جنھن ۾ ھڪ ايڪڙ زمين منھنجي مرحوم مڙس ڌڻي بخش مھتم جو حق آھي جيڪا زمين مڙس جي ڀائيٽين خدا بخش پنھل مھتم ۽ ٻين کوکر برادري جي ماڻھن جمال الدين ۽ شاھنواز کوکر کي وڪرو ڪري کين کاتو ڏئي ڇڏيو آھي احتجاج ڪندڙ پيرسن عورت ٻڌايو آھي ته آءُ انتھائي مسڪين آھيان منھنجي مڙس جا ڀائيٽيا ۽ کوکر ڌر جا ماڻھو حق کسي ناحق ڪري رھيا آھن جنھن بابت ايس ايس پي سکر کي دانھن به ڏني آھي پر انصاف نٿو ملي احتجاج ڪندڙ عورت ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته مرحوم مڙس جي حصي ۾ ايندڙ ھڪ ايڪڙ زمين ڏياري انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي الزام ھيٺ آيل ڌر جي جمال الدين کوکر رابطي تي ٻڌايو آھي ته مھتمن کان پئسن ۾ زمين خريد ڪئي آھي جنھن جو کاتو به مليل آھي جيڪڏھن پيرسن عورت جو مسئلو مائٽن سان آھي ته پاڻ ۾ ويھي حل ڪن باقي منھنجي کاتي واري زمين تي قبضي ڪرڻ کان پاسو ڪن