ٺڪراٺو : جميعت عُلماء سڪندريه ۽ حر جماعت پاران ميلادالنبيﷺ جي سلسلي ۾ شاندار ريلي ڪڍي ويئي

ٺڪراٺو : جميعت عُلماء سڪندريه ۽ حر جماعت پاران ميلادالنبيﷺ جي سلسلي ۾ شاندار ريلي ڪڍي ويئي ريلي ۾ سوين عاشقان رسول جي شرڪت هٿن ۾ ساوا جهنڊا کڻي صلات واسلام جو ورد ڪري نعتون پڙهي سرور ڪائنات رسول الله ﷺ جي عقيدت ۾ نظرانا پيش ڪيا ريلي ۾ هر طرف سرڪار جي آمد مرحبا آقا جي آمد مرحبا جا نعرا گونجندا رهيا ربيع الاول جو مهينو ايندي ئي ٻنهي جهانن جي سردار آقاء نامدار جي آمد جي خوشي ۾ عاشقان رسول پاران جهر جهنگ واهڻ وستي ۾ آقا جي آمد جي سلسلي ۾ ريليون ۽ پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا ميلادالنبيﷺ جي خوشي ۾ ٺڪراٺو لڳ جامعه راشد المدرسه ڳوٺ فقير واحد بخش راڄڙ ڳاڙهودڙو کان جميعت علماء سڪندريه ٺڪراٺو جي صدر مولوي نياز احمد سڪندري ، حافظ اشفاق احمد سڪندري ، حافظ خاوندبخش سڪندري ۽ حافظ شاهد حسين قادري جي اڳواڻي ۾   ميلادالنبيﷺ جي هڪ شاندار ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ حر جماعت ۽ سوين عاشقان رسول موٽر سائيڪلن ڪارن ۽ ٽريڪٽرٽرالين  تي چڙهي ريلي ۾ شرڪت ڪئي هر سال جيان ميلادالنبيﷺ جي ريلي مدرسه جامعه راشد ڳاڙهو دڙو کان ڳوٺ حرمجاھد ڀائي خان مهر پهتي جتي علماء ڪرامن مفتي سيف الله سڪندري ، حافظ خاوند بخش سڪندري ، مولوي نياز احمد سڪندري ۽ ٻين تقريرون ڪري حضور پاڪ ﷺ جو شان بيان ڪندي چيو ته حضور پاڪ صلعم جي آمد تي هن ڪائنات جي مخلوق ملائڪ جن وڻن پکي پڳرن پٿرن پهڙن مطلب ته رب ذوالجلال پاران تخليق ڪيل هر شيء خوشي منائي ۽ اسان مسلمانن تي پڻ الله پاڪ جي خاص مهرباني آهي جنهن اسان کي پنهنجي محبوب نبي جو امتي بڻايو ۽ اسان ان نبيء نامدار جي آمد جو خوشي ملهايون ٿا نبي ڪريم ﷺ جي آمد جي سموري امت مسلمه ۽ جڳ جهان کي مبارڪون ۽ نعت خوانن فقير محمد راڄڙ ، ننڍڙي شهاب الدين مهر ۽ ٻين نعتون پڙهي عقيدت جي گلن جا نظرانه پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ريلي واپس پنهنجي روايتي روٽن پير صاحب پاڳاره جن جي منزل گاهن ۽ بنگلن کان ٿيندي شام جو دعوت ڪلرو ڳوٺ احمدو فقير راڄڙ تي اختتام پذير ٿيندي ريلي جي مختلف ڳوٺن ۾ آمد تي ميزبانن پاران عاشقان رسول ۽ جماعت لاء مٺي پاڻي ۽ لنگر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو ريلي ۾ هر طرف ساون جهنڊن جي ساواڻ ۽ هر طرف سرڪار جي آمد مرحبا آقا جي آمد مرحبا ۽ ڀيڄ پاڳارا جانعرا گونجندا