ٺڪراٺو :جي نجي اسڪول ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ڪانفرنس ۾ آيل مهمانن توڙي اسڪولي شاگردن حضورپاڪ ﷺ جن جي زندگي مبارڪ ۽ سيرت مبارڪ تي روشني وڌي اسڪولي ٻارڙن ۾ ڪوئز پروگرام ڪرائي سرسي حاصل ڪندڙ ٻارڙن ۾ انعام پڻ تقسيم ڪيا ويا اسڪولي ٻارڙن پاڻ ڪريمن ج شان ۾ نعتون ۽ مولود پڙهي ڪانفرنس کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا شاھ لطيف سيڪنڊري اسڪول ۾ سيرت النبيﷺ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ڪانفرنس ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريريون نعت شريف مولود پڙهي واھ واھ ڪرائي ڇڏي شاگردن وچ ۾ ڪوئز ڪامپيٽيشن به منعقد ڪيا ويا جنھن ۾ پوزيشن ھولڊر شاگردن عديل منگي انعم گل نازيه منگي ۽ ٻين ۾ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ تقسيم ڪيا ويا سيرت النبي ڪانفرنس ۾ آيل خاص مهمان تحريڪ امن جي سربراھ حافظ رفيق احمد سومرو خطاب ڪندي چيو آھي ته ضلعي سکر ۽ گھوٽڪي ۾ 15 سالن کان وٺي اھڙي قسم جا پروگرام منعقد ڪرائيندو اچان ٿو جنھن ۾ شاگردن وچ ۾ مقابلا ڪرايا وڃن ٿا ۽ پوزيشن ھولڊر شاگردن ۾ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورھائيندا آھيون ان سان شاگردن ۾ جذبو پيدا ٿئي ٿو ۽ ھو پڙھائي ۾ به دلچسپي وٺن ٿا پروگرا۾ اسڪول آپريٽر محمد حسن منگي نور احمد مھتم اشفاق سومرو خليل گل ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ڪانفرنس ۾ اسڪولي ٻارڙن سميت انهنجي والدين ۽شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي