ٺڪراٺو: ربيع الاول جو مهينو ايندي ئي ٻنهي جهانن جي سردار آقاء نامدار جي آمد جي خوشي ۾ عاشقان رسول پاران جهر جهنگ واهڻ وستي ۾ آقا جي آمد جي سلسلي ۾ ريليون

ٺڪراٺو :ربيع الاول مهينو آقاء دوجهان سرورڪائنات ، رحمته العالمين مَحبُوبِ خدا حضرت محمد مصطفیٰﷺجن جي هن دنيا ۾ تشريف آوري جو مهينو آهي ان مناسبت سان ٺڪراٺو هائر سيڪنڊري اسڪول  جي پرنسيپال استاد چنڊ مھر پاران  پروگرام منعقد ڪيو ويو گورنمنٽ ھاير سيڪنڊري اسڪول ٺڪراٺو جي پرنسيپال استاد چنڊ مھر،طاھر حسين مھتم، نثار احمد، محمد علي مھر ،صادق مھر تقريرون پيش ڪري نبيء ڪريم ﷺ جن جي زندگي مبارڪه ۽ سيرت مبارڪه  تي ڳالهائيندي چيو ته ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفیٰﷺ جن ظاهري طور ته هن دنيا ۾ سمورن نبين کان آخر ۾ نزول ٿيا پر الله پاڪ پنهنجي محبوب نبي کي سمورن نبين جو سردار بڻايو پاڻ ڪريمن جي زندگي مبارڪ امت مسلمه سميت پوري انسانيت لا۽ مثال آھي پاڻ ڪريم ﷺ پوري انسان ذات سان پي پناھ محبت ڪيائون انسان گڏ جانورن سان پڻ محبت ڪئي مقررن وڌيڪ چيو ته پاڻ ڪريم ﷺ سموري ڪائنات لاء هڪ مثال آهن جنهن پوري انسانيت سان پيار ۽ محبت ڪرڻ جو درس ڏنو پاڻ ڪريمن جي ڏسيل واٽ تي زندگي گذارڻ سان ئي ڪاميابي ملي ٿي  اسڪولي شاگردن معشوق علي ابوبڪر تنوير محمد لکڻ نظر حسين ۽ ٻين حضور پاڪ جي شان ۾ نعتون پڙهي کين عقيدت جا نظرانا پيش ڪيا پروگرام جي خاص مهمان چيئرمين يوسي مبارڪپور رئيس امام بخش مھتم سميت ٻين مھمانن پڻ شرڪت ڪئي ۽ آخر ۾ اسڪولي شاگردن ۾ ميلاد جو لنگر پڻ تقسيم ڪيو