ٺڪراٺو (رپورٽر) ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ آڪڙا پرچي جوا جو آزار ڪيترائي ماڻھو لکا پتي ٿيڻ جي لالچ ۾ ڪنگال مبارڪپور پوليس منٿلي عيوض روز ۽ پندرھين آڪڙا پرچي جوا ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي شھر جي مختلف ھوٽلن تي ڪيترائي نوجوان موبائيلون کڻي واٽس ايپ تي آڪڙا پرچي جا نمبر ڪٽڻ لڳا سڄاڻ شھرين پاران ايس ايس پي سکر کان آڪڙا پرچي جوا جو آزار ختم ڪرائڻ جي گھر خبر موجب ٺڪراٺو مبارڪپور روپھر سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ آڪڙا پرچي جو آزار وڌي ويو ڪيترائي ماڻھو ھڪ ئي ڌڪ ۾ لکا پتي ٿيڻ جي لالچ ۾ ڪنگال بڻجي ويا ان سلسلي ۾ مبارڪپور ٿاڻي جي حد ٺڪراٺو شھر جي ڪيترن ئي ھوٽلن تي نوجوان موبائيلن ذريعي آڪڙا پرچي ڪٽنگ ڪرڻ لڳا آھن جيڪي سريعام ٽيبلون وجھي شھرين کي ڪنگال بڻائڻ ۾ ڪسر نٿا ڇڏين پر مبارڪپور پوليس جوارين خلاف ڪابه ڪارروائي ناھي ڪئي ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته شھر اندر روزانو ۽ پندرھين ڏينھن لکين روپين جي آڪڙا پرچي ڪٽنگ ٿي رھي آھي جتان مبارڪپور پوليس کي رشوت وصول ٿئي پئي ماضي ۾ ان حوالي سان ڪيتريون ئي ڪارروايون به ڪيون ويون آھن پر ڪاررواين ۾ ٺاپر اچڻ بعد ٻيھر آڪڙا پرچي جوا سريعام ڪٽجڻ شروع ٿي وڃي ٿي ھتان جي سڄاڻ شھرين آ۽ جي سنڌ ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي آڪڙا پرچي جوا بند ڪرائي ماڻھن کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي پاسي ايس ايڇ او مبارڪپور اعجاز جسڪاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شھر جي ھوٽلن تي چيڪنگ ڪريان ٿو آڪڙا پرچي ڪٽيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري جوارين مٿان ڪيس داخل ڪيا ويندا