ٺڪراٺو : سموري عالم اسلام ۽ پوري دنيا جيان ٺڪراٺو ۽ برپاسي جشن عيد ميلادالنبيﷺ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ننڍن وڏن ڳوٺن محلن ۽ وستي واهڻ مان امان آمنه جي لال جي آمد جي خوشيء ۾ نبيء جا غلام ساوا جهنڊا بينر کڻي مٿي تي دستارون ٻڌي يارسول الله ﷺ جا بيج هڻي گهٽي گهٽي ۾ مرحبا يا مصطفیٰﷺ مرحبا يارسول الله ﷺ ۽ سرڪار جي آمد مرحبا جا نعرا هڻي ريليون ڪڍيون ۽ محبوب مدنيء تي صلات واسلام ۽ نعتون پڙهي سرڪار جي سيرت تي علماء ڪرامن تقريرون ڪري حضور پاڪ ﷺ جن کي عقيدت جا نظرانه پيش ڪيا سموري دنيا جيان ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي ۾ به 12 ربيع الاول جشن عيد ميلادالنبيﷺ جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايوپيو ويو ٻنهي جهانن جي سردار آقاء نامدار جي آمد جي خوشي ۾ عاشقان رسول پاران جهر جهنگ واهڻ وستي ۾ آقا جي آمد جي سلسلي ۾ ريليون ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويا آھن جشن عيد ميلادالنبيﷺ جي خوشي ۾ صبح سوير سان ئي ھر ڳوٺ هر محلي مان عاشقان رسول پاران ريليون ڪڍيو ويون ٺڪراٺو لڳ ڳاڙهودڙو فقير واحد بخش راڄڙ ۽ آچر مهرمان قادري تحريڪ ڳاڙهودڙو ۽ حر جماعت پاران نڪتل ريلي ڳوٺ حُر مجاهد ڀائي خان مهر ۾ حُر مجاهد فقير غلام حسين جي سهن تي پهتي جتي جشن عيدميلادالنبيﷺ جو هڪ مختصر پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن بعد آيل ريلي پنهنجي روايتي روٽ ڀيٽور طرف رواني ٿي ويئي جتان شاهپور مهر پهتي درگاھ احمد سائين خانڳڙھ شريف جي سجاده نشين ميان عبدارئوف قادري جي اڳواڻي ۾ خانپور مهر کان ريلي ٺڪراٺو طرف ۽ جلال ڳوٺ کان ميان امان الله سهروردي جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ٺڪراٺو شهر پهتيون جتي آس پاس جي سمورن ننڍن وڏن ڳوٺن مان نڪتل ريليون پڻ شهر جي مک چئوڪ تي پهچڻ بعد هزارن جي تعداد ۾ عاشقان رسول جي پهچڻ بعد هڪ وڏو جلسو بڻجي ويو جتي عالم دين حضور جو شان بيان ڪيو نعت خوانن نعتون پڙهي حضور پاڪ ﷺ جي شان ۾ نظرانه عقيدت پيش ڪيا پروگرام ۾ هزارين عاشاقان رسول جي شرڪت هر طرف ساون جهنڊن جي ساواڻ ۽ فلڪ ۾ مرحبا يا مصطفیٰﷺ مرحبا يارسول الله ﷺ ۽ سرڪار جي آمد مرحبا جا نعرا گونجندا رهيا ريلين ۽ جلوسن جي سڪيورٽي قادري تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ حرجماعت جي حرمجاهدن سنڀاري