ٺڪراٺو :سيٺارجا واسي نوجوان پنھنجي نياڻي سان گڏ اڳوڻي گھرواري جي مبينا ظلمن خلاف ٺڪراٺو پريس پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو اڳوڻي گھرواري بااثرن سان گڏجي ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھي آھي تحفظ ڏئي انصاف فراھم ڪيو وڃي متاثرنوجوان يوسف گوپانگ رپورٽ موجب ٺڪراٺو ۾ سيٺارجا واسي نوجوان پنھنجي نياڻي سان گڏ اڳوڻي گھرواري جي مبينا ظلمن خلاف ٺڪراٺو پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو آھي ڳوٺ لال بخش گوپانگ سيٺارجا واسي نوجوان محمد يوسف عرف گبولي گوپانگ پنھنجي نياڻي زينب سان گڏ پنھنجي اڳوڻي گھرواري خلاف احتجاج ڪندي دانھيندي الزام لڳايو آھي ته منھنجي اڳوڻي گھرواري شاھل گوپانگ جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي ان مان مونکي ھڪ نياڻي زينب جو اولاد آھي جيڪا نياڻي مونسان گڏ رھڻ چاھي ٿي جنھن ڳالھ تان اڳوڻي گھرواري مونکي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاھي ٿي بااثر ماڻھن کان ڌمڪيون ڏياري ٿي آءُ پريشان آھيان احتجاج ڪندڙ نوجوان ايس ايس پي خيرپور ايس ايڇ او سيٺارجا ۽ ايس ايڇ او چونڊڪو کان مطالبو ڪيو آھي ته مونکي تحفظ ڏئي انصاف فراھم ڪيو وڃي