ٺڪراٺو : صالح پٽ واسي جوڙو تحفظ لاء ٺڪراٺو پريس ڪلب پهچي ويو ٻھ ڏينهن اڳ سکر جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پريس ڪلب پهچي ڪري جان جي خطري هجڻ جو انڪشاف ڪيو

ٺڪراٺو صالح پٽ واسي جوڙو تحفظ لاء ٺڪراٺو پريس ڪلب پهچي ويو صالح پٽ لڳ ڳوٺ ٻاجهري واري جي رهواسڻ 22سالا ناري زرينه ڌيء خادم حسين چنه ۽ ڳوٺ متو مڱريو جي رهواسي 24 سالا نوجوان علي گل پٽ ساماڻو مڱريو تحفظ لاء دانهنيدي چيو ته اسان سکر جي عدالت ۾  پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنهن بعد ناري جي وارث ۽ ڪجھ بااثر سندن جاني دشمن بڻجي پيا آهن جوڙو تحفظ لاء ٺڪراٺو پريس ڪلب پهتو ميڊيا آڏو ڳالهائيندي جوڙي چيو ته اسان پنهنجي رضا خوشي ۽ شريعت محمدي تحت سکر جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي ۽ اسان پنهنجي زندگي گڏ گذارڻ ٿاچاهيون ناري زرينه چنه الزام هڻندي چيو ته منهنجي پيار جي پرڻي بعد منهنجا مائٽ الهوڌايو، عالم، عمر ۽ غلام علي چنه اسان ٻنهي جا جاني دشمن بڻجي ويا آهن ۽ اسان جي زندگين کي خطرو آهي جوڙي انساني حقن جي تنظيمن، سنڌ جي نگران وڏي وزير، آء جي سنڌ ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس سکر کان اپيل ڪئي ته کين تحفظ ڏنو وڃي