ٺڪراٺو :غوثيه جماعت جي مريدين ، خليفن ۽ عقيدت مندن خليفه غلام حسين چاچڙ،خليفه علي اڪبر مهر ، ممتاز علي ، منظور علي ، نواب علي چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مدرسه غوثيه ڍنڍي کان ڍنڍي شهر جي مک چئوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين ميڊيا آڏوڳالهائيندي چيو ته اسانجي مرشد کي ڪوڙن ڪيسن ۾ هروڀرو ڦاسائي جيل ۾ رکيو ويو آهي اسانجي مرشد کي هٿڪڙيون هڻي ڪورٽ ۾ آندو پيو وڃي جيڪيو عمل سراسر غلط آهي ان عمل تي اسان کي شديد ڏک ۽ تڪليف پهچي ٿي اسين چيف جسٽس آف پاڪستان ، چيف آف آرمي اسٽاف ، نگران وزير اعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان جي روحاني رهبر غوثيه جماعت جي مرشد سائين شاھ محمود قريشي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو