ٺڪراٺو :تعلقه پنوعاقل جي يونين ڪائونسل 10 روپهر جي چونڊيل فنڪشنل ليگ جي چيئرمين فقير نصير احمد مهر ۽ وائس چيئرمين فقير حافظ ارباب علي راڄڙ جن ميڊيا آڏو ڳالهائيندي چيو ته لوڪل گورنمينٽ سکر جو عجيب ڪارنامو آهي يوسي روپھر گذريل ڏيڍ سال کان بنا بجيٽ ۽ بنا آفيس جي ھلڻ لڳي آهي ھڪ به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي صفائي نه ٿي ناليون نه ٺھيون ھر مھيني جي ايندڙ بجيٽ پنج لک روپيا ڪاغذي ڪاررواين ۾ ملازمن کي پگھارون ڏيڻ سميت صفائي سٿرائي ڪرائڻ ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي مد ۾ ھڙپ ٿيڻ لڳي ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته گذريل سال کان وٺي يوسي روپھر ۾ سيڪريٽري جي آفيس به هتي نه آھي ھتان جا رھواسي ڄم فوتي ۽ رھائشي سرٽيفڪيٽ لا۽ پنوعاقل جي مختيارڪاري آفيس ۾ ڌڪا کائڻ لڳا جتي ھر سرٽيفڪيٽ جا ھٿرادو اگھ مقرر ڪيا ويا آھن يونين ڪائونسل ۾ 8 سفارشي ملازم ڀرتي ٿيل آھن جيڪي بنا ڪم ڪار جي گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳا آھن چونڊيل نمائندن افسوس ظاهر ڪندي ٻڌايو ته اسانجي يوسي روپھر ۾ ڪابه آفيس نه آھي ملازم ڀرتي ٿيل آھن جيڪي ڪنھن به ڏٺا ناھن صفائي سٿرائي نه ٿيندي آھي نه ئي وري ڪي ترقياتي ڪم ٿيا آھن پر ھر مھيني ايندڙ يوسي جي بجيٽ ڪاغذن ۾ ھڙپ ڪئي ٿي وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته گذريل سالن جي بجيٽ جي ڪابه جاچ نه ٿي آھي لکين روپيا ھڙپ ٿي چڪا آھن پر جاچ ڪندڙ ادارا خبر ناھي ڇا ٿا ڪن اسين لوڪل گورنمينٽ سکر سميت جاچ ڪندڙ ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته يونين ڪائونسل روپھر جي بجيٽ جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ آئنده جاري ٿيندڙ بجيٽ اسانجي حوالي ڪئي وڃي ته ڀرتي ٿيل ملازمن کي پگهارون جاري ڪريون ۽ گوسڙو ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪري هتي يونين ڪائونسل جي آفيس کولي ڪري عوام جي خدمت ڪريون ۽ هتان جي عوام کي پنوعاقل ڌڪا کائڻ کان بچايون