ٺڪراٺو لڳ روپهر واسي اکين کان نابينن جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو احتجاج

ٺڪراٺو لڳ روپهر واسي اکين کان نابينن جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو احتجاج ڪندڙ نابين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته لغاري برادري جي بااثرن پاران سندن ذاتي زرعي زمين تي قبضو ڪري لکين رپين جي ماليت جا وڻ وڍرائي کڻي ويا آهن اسانجي دانهڻ تي هو مڇرجي ڪري گهرن ۾ گهڙي ڪري ٻارن ٻچن تي تشدد ڪن ٿا جنهنجي اين سي مبارڪپور ٿاڻي تي ڪٽرائي هئي پر مبارڪپور پوليس بااثرن خلاف ڪو به قدم نه ٿي کڻي هنن پوليس جي اعلا عملدارن کي فوري نوٽيس وٺي ڪري ساڻن انصاف ڪرڻ جي اپيل ٺڪراٺو لڳ روپهر واسي اکين کان نابينن جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو روپهر واسين اکين کان نابينن محمد حيات ملڪ ۽ مائي هدايتان ملڪ جو معصوم ٻارڙن سميت لغاري برادي جي بااثرن سڪيلڌو , عاشق , شاهد , امجد , گلبهار لغاري ۽ ٻين خلاف الزام هڻندي چيو ته اسانجي ذاتي زرعي زمين سروي نمبر 384 جنهنتي مٿيان بااثر جوابدارن قبضو ڪري زمين ۾ لکين روپين جي ماليت جا بيٺل ٽاريون , نم ۽  ٻٻرن جا وڻ زبردستي وڍرائي  کڻي ويا آهن بااثر اسانکي گهرن ۾ گهڙي ڪري تشدد ڪري هيسائي وڃن ٿا  اسان بار بار مبارڪپور پوليس وٽ دانهيو آهي پر پوليس بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي اسين مجبور ٿي ڪري اڳوڻي ايس ايس پي سکر وٽ پڻ دانهيو هو ۽ ان ليٽر ايس ايڇ او مبارڪپور ڏانهن ڏنو هو اهو به ٿاڻو مبارڪپور تي کڻي ويا آهيون پر مبارڪپور پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ۽ ڪو به ايڪشن نه ٿي وٺي جڏهن ته الزام هيٺ آيل لغاري برادري جي ماڻهن سان رابطي ڪرڻ تي انهن چيو ته لڳايل الزام بي بنياد آهن مظاهرين آء جي سنڌ , ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته اسان مسڪين معذورن جي خدارا دانهن ٻڌي وڃي ۽ بااثرن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ۽ اسان زمين تي ٿيل قبضو پڻ ختم ڪرايو وڃي