ٺڪراٺو ۾ معذور نوجوان شاھد علي سمون ڦر ٿيل سي ڊي موٽرسائيڪل جي واپسي لا۽ پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو آھي احتجاج ڪندڙ معذور نوجوان شاھد علي سمون دانھيندي چيو آھي ته منھنجي پٽ شاھزيب ۽ توحيد سمون کان 2 نامعلوم ٻٽ ٻڌل جوابدارن پسٽل جي زور تي روپھر واري بمبلي پُل وٽان سي ڊي 2020 موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن معذور نوجوان چيو آھي ته ڦر جو اطلاع مبارڪپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او جاويد ميمڻ کي ڏنو آھي پر ھو مدد نه پيو ڪري احتجاج ڪندڙ معذور نوجوان شاھد سمون ايس ايس پي سکر عابد بلوچ ۽ مبارڪپور پوليس کان مطالبو ڪيو آھي ته ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ڏياري وڃي.