ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ پير ممو شهيد واسي 20 سالا صدام علي پٽ محمد ابراهيم مهر پنهنجي زرعي زمين تي مهر مائنر مان ٽريڪٽر تي هلندڙ لفٽ مشين ذريعي پاڻي هلائي رهيو هو ته شافٽ ۾ ڪپڙو وچڻڻ سبب شافٽ ۾ وچڙي ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهنکي وارث سکر جي هڪ نجي اسپتال کڻائي ويا جتي ان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيء حوالي ڪري ڇڏيو جنهن بعد سندس لاش کي ايمبولنس وسيلي گهر آندو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو سندس نوجوان وني ۽ پيرسن امڙ کي بيهوشيء جا دورا پوڻ لڳا دوت نوجوان کي پنهنجي اباڻي قبرستان پير ممو شهيد ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو