ٺڪراٺو ويجھو لالو پٽ روڊ وٽان 3 ھٿياربندن ڳوٺ اوڏڪي دڙي واسي صوبدار عرف صُوبو مڱريو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن ڳوٺاڻي مٿان سخت تشدد ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻو زخمي ٿي پيو زخمي نوجوان جي رڙين تي پاڙي جا ڳوٺاڻا نڪري آيا ۽ ڳوٺاڻن اوڙي پاڙي جي ڳوٺن ڏانهن فون ڪري واقعي بابت ٻڌايو جنهن بعد سوين ڳوٺاڻن ڦورن جو پيڇو ڪيو جڏهن ڦورن چئو طرف ماڻهون ڏٺا ته ڦورو موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿيڻ لڳا جنهن بعد ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ھمٿ ڪري ٻن جوابدارن جو پيڇو ڪري کين سوگهو ڪري ورتو ۽ جوابدارن کي پوليس حوالي ڪرڻ خاطر ٺڪراٺو آندو ويو ڳوٺاڻن پاران سوگها ڪيل جوابدارن جي سڃاڻپ پنجاب واسي محمد عارف ميراڻي ۽ فياض ميراڻي طور ٿي جنهن بعد رات دير سان ايس ايڇ او مبارڪپور هٿ ڪيل جوابدارن کي پنهنجي ڪسٽڊي ۾ وٺي ڪري مبارڪپور ٿاڻو تي لاڪپ ڪيو ۽ ايس ايڇ او فريادي صوبدار عرف صوبو مڱريو جي فرياد تي پڪڙيل ٻنهي جوابدارن سميت ٽن جوابدارن عارف ، فياض ۽ شاهد ميراڻي خلاف ڦر جو ڪيس نمبر 13/2024 داخل ڪري ڇڏيو