ٺڪراٺو لڳ چوپائي مال جي واڙي کي اوچتو باھ وڪوڙي ويئي واڙي اندر بيٺل ڀلي نسل جو هڪ گابو سڙي مري ويو

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ جلال مهر ۾ واپاري محمد صيفل مھر جي چوپائي مال جي واڙي کي اوچتو باھ لڳي وئي باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ واڙي ۾ ٻڌل ڀلوڙ نسل جو هڪ گابو سڙي مري ويو جڏھن ته ھڪ گابي سڙي زخمي ٿي پئي ٻڌايو پيو وڃي ته مڇرن لاء ڪيل دونهين مان باھ ڀڙڪڻ سبب مال جي واڙي کي باھ وڪوڙي وئي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آڻي وڌڪ نقصان ٿيڻ کان ڳوٺ بچائي ورتو ٺڪراٺو ۾ فائر برگيڊ جي سهولت نه هجڻ ڪري هرسال باھ جي واقعن ۾ مسڪين مارئڙن جو الھ تلھ , چوپايومال توڙي انساني جانيون پڻ ضايع ٿي چڪيون آهن گذريل پندرهن سالن کان هتان جا سڄاڻ ماڻهون بار بار چونڊيل نمائندن کان ٺڪراٺو ۾ فائر برگيڊ جي سهولت ڏيڻ جي گهر ڪندا رهن ٿا پر هميشه جيان چونڊيل نمائندن جا واعدا صرف واعدا ئي رهن ٿا عملي ڪم نه ٿو ٿئي هاڻ به سڄاڻ ڌرين سنڌ سرڪار کان اهو مطالبو ڪيو آهي ته ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ باھ تي فوري ڪنٽرول ڪرڻ لاء هتان جي عوام کي به فائر برگيڊ جي سهولت ميسر ڪري ڏني وڃي_