ٺڪراٺو : لڳ ڏيڍ مهينو اڳ ڳوٺ ڄام ابراهيم مهتم مان مبينا طور ناري کي اغوا ڪرڻ بعد جبري طور شادي ڪرائي وئي

ٺڪراٺو : لڳ ڏيڍ مهينو اڳ ڳوٺ ڄام ابراهيم مهتم مان مبينا طور ناري کي اغوا ڪرڻ بعد جبري طور شادي ڪرائي وئي ناري کي ڏھن ڏينھن تائين زبردستي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، موقعو ملندي ئي ناري مائٽن وٽ پھچي وئي ، ٿاڻو مبارڪپور تي ڪيس به داخل ڪرايو ويو آهي ان باوجود پوليس اغوا ۽ جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ بااثر جي چوڻ تي ناري جي وارثن تي ٻھ ايف آء آرون داخل ڪري ڇڏيون جنهنجي خلاف متاثر ناري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پوليس جي اعلیٰ آفيسرن کي فور طور نوٽيس وٺي ڪري معاملي جي شفاف جاچ ڪري جوابدان کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ، سندس مائٽن مٿان داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي مبارڪپور ٿاڻو جي حد ڳوٺ ڄام ابراهيم مان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل نوجوان ناري مسمات سفوران ڌيء عبدالجبار مهتم جو جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ جوابدارن پاران مائٽن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ جوابدارن سان ٻٽ بڻيل مبارڪپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو متاثر ناري ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته 05 جولاء 2023 تي عصر ويل تقريبا“ 4:30 سندس برادري جا ماڻهون گهر ۾ گهڙي ڪري هٿيارن جي زور تي جوابدارن گلزار احمد ، آچر ، زاهدعلي ، سجاد علي ، ربنواز ۽ محراب علي مهتم مونکي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا ۽ بي هوشي جي حالت ۾ منهنجا آڱوٺا نڪاح نامي تي هڻي زبردستي منهنجو نڪاح زاهد سان ڪرايو پئي مونکي هوش آيو ته مان پڇيو اوهان ڇو مونکي کڻي آيا آهيو ۽ منهنجي آڱوٺن کي مس ڇو لڳل آهي ته چيائون ته تنهنجو نڪاح زاهد سان ٿي ويو جنهن بعد مان اتان وجھ وٺي نڪتيس ۽ مائٽن وٽ پهتيس هڪ مقامي بااثر علي مدد مهتم جهنجي ايس ايڇ او مبارڪپور اشرف ڦلپوٽو سان دوستي آهي انجي معرفت منهنجي مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن منهنجي مائٽن کي پوليس هٿان گرفتار ڪرائي جوابدار مونکي جان کان مارڻ چاهين ٿا ، هوڏانهن علي مدد مهتم سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته مونکي ان معاملي جي ڪا به ڄاڻ ناهي مون مٿان لڳايل الزام ڪوڙا آهن جڏهن ته ايس ايڇ او مبارڪپور اشرف ڦلپوٽو جو چوڻ هو ته ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ۽ عدالت سڳوري جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ناري پاران آء جي سنڌ ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪندي چيو ته ڪنهن ايماندار پوليس آفيسر کان جاچ ڪرائي منهجي اغوا ۾ ملوث سمورن جوابدارن ۽ سهولتڪار علي مدد مهتم کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سندس مائٽن تي داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي