ٺڪراٺو لڳ گهرو اڻبڻت تان نوجوان زهريلي دوا پي ڪري پنهنجي زندگيء جو انت آڻي ڇڏيو نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو

ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ ايوب اعواڻ واسي 28 ورھين جي نوجوان محمد عارف پٽ عبدالغفار اعواڻ گھرو اڻبڻت تان زھريلي دوا پي ڇڏي جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارث ٺڪراٺو جي خانگي اسپتال کڻائي آيا جتان حالت خراب ٿيڻ سبب کيس سکر جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان جي ساھ جو سڳو ٽٽي پيو نوجوان جو مڙھ گھر پھچڻ تي گهر قھرام مچي ويو جڏهن ته والد ۽ امڙ کي نوجوان پٽ جي اوچتي وڇوڙي تي بيهوشيء جا دورا پوڻ لڳا نوجوان جي آپگھات واري خبر کانپوء علائقي ۾ ڏک جي لھر نوجوان جا ڪيترا ئي دوست اوڙي پاڙي وارا ۽ پنجاب کان مٽ مائٽ تڏي تي پهچي ويا جڏهن ته نوجوان کي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو