ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ ڄام ڍولڻ واسي عورتن جو مقامي بااثرن پاران سندن زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو

ٺڪراٺو لڳ ڄام ڍولڻ واسي عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي نٽھڻ اس ۾ بااثرن خلاف احتاجي مظاهرو احتاج ڪندڙ مائي حرمت ، مائي مهناز ، مائي شبيران ، مائي ميهر۽ دوست علي مهتم الزام هڻندي چيو ته اسانجي کاتي واري زرعي زمين ٻھ ايڪڙ تي بااثرن الهڏوايو ۽ الهوڌايومهتم زبردستي قبضو ڪري اسان جي مردن تي تشدد ڪري زمين مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي اسان هتان جي سرندي وارن ۽ مبارڪپور پوليس آڏو پڻ دانهيو آهي پر اسانجي ڪو به ن ٿو ٻڌي اسانکي ٻيو وسيلو ئي ناهي سواء پاڪ ڪتاب جي اسان هي پاڪ ڪتاب کڻي هاڻ بااثرن جي گهر وڃي ويهي رهيون ٿيون ۽ هن پاڪ ڪتاب جي صدقي اسان سان انصاف ڪيو وڃي جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڌر سان رابطو ڪرڻ تي انهن لڳل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو مظاهرين ڊپٽي ڪمشنر سکر اسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل مختيارڪار پنوعاقل ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته پاڪ ڪتاب جي صدقي فوري طور نوٽيس وٺي ڪري اسان جي زمين تان ٿيل قبضو ختم ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي