ٺڪراٺو واسين سان خيرپور ۾ حادثو صحافي سميت 2 ڄڻا فوت لاش خيرپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي گھرن ۾ روڄ راڙو علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال
ٺڪراٺو واسين سان خيرپور ۾ حادثو پيش آيو مھراڻ نيشنل ھا۽ وي حسين آباد اسٽاپ وٽ ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٺڪراٺو شھر جو صحافي 38 ورھين جو غلام نبي ملڪ ۽ ڦٽين جو واپاري 40 ورھين جو رحمت الله مھر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جن جا لاش خيرپور سول اسپتال کڻايا ويا جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا مليل ڄاڻ موجب ٻئي ڄڻا واپار سانگي وساڻ مل خيرپور وڃي رھيا ھئا ته ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا اھڙو اطلاع ملڻ کانپو۽ گھرڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو حادثي جي خبر پوڻ کانپو۽ فوتين جي مٽن مائٽن ۽ دوستن ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي لاش ايمبولنس وسيلي اباڻي ڳوٺ اڪڙي پٽ آندا ويا جتي سندن جنازي نماز بعد تدفين ڪئي ويندي مرحوم صحافي جي تڏي تي ٺڪراٺو جي صحافين سميت وڏو انگ پهچي ويو ٺڪراٺو پريس ڪلب پاران ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو