رپورٽ موجب ٺڪراٺي واسي 22 ورھين جو نوجوان نثار احمد پٽ غلام محمد مھتم ٻن مھينن کان گم ٿي ويو آھي گھڻي ڳولا باوجود ڪو ڏس پتو نه ملي سگھيو آھي والدين پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آھي ان سلسلي ۾ گم ٿي ويل نوجوان نثار احمد مھتم جي والد ۽ امڙ ٺڪراٺو پريس ڪلب پھچي پُٽ جي ڳولا ۾ مدد لا۽ احتجاج ڪيو آھي احتجاج ڪندڙ غلام محمد ۽ مائي سومري مھتم دانھيندي ٻُڌايو آھي ته پٽ مزدوري ڪندو ھيو ٻن مھينن کان گم ٿي ويو آھي گھڻي ڳولا باوجود سندس پتو ناھي پئجي سگھيو جنھن سبب شڪ آھي ته پٽ کي ڪنھن اغوا ڪيو آھي احتجاج ڪندڙن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.