ٺڪراٺو: ويجهو زمين جي مالڪي تان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺيون ، ڪهاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب هڪ ڌر جا ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي وارث مبارڪپور ٿاڻو تي کڻائي ويا جتان پوليس زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي ترت علاج لاء پنوعاقل تعلقه اسپتال اماڻي ڇڏيو زخمي ڌر جي ماڻھن جو مبارڪپور ٿاڻو ٻاهران جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ ڦيسڙ ۾ مھربرادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو لٺين ۽ سروٽن لڳڻ سبب هڪ ڌر جا 3 ڄڻا عدنان ، عبدالحفيظ ۽ نصير مهر زخمي ٿي پيا وارثن پاران ٽنهي زخمين کي ٿاڻو مبارڪپور نيو ويو جتان پوليس کان ميڊيڪل ليٽر وٺي ترت علاج لاء تعلقه اسپتال پنوعاقل کڻائي ويا جتي زخمين جو جو علاج شروع ڪيو ويو ٻئي پاسي زخمين جي وارثن غلام شبير ، نعمت الله ، اسدالله مهر ۽ ٻين مبارڪپور ٿاڻي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته بااثر يعقوب مهر جي وڏن اسان کي زرعي زمين قطعي طور وڪرو ڪئ هئي جنهنجي گواھ اسان جي سموري برادري ۽ چڱا مڙس پڻ آهن زمين جي سودي تان پنهنجي وڏنجي فوت ٿيڻ بعد يعقوب مهر فري ويو آهي جنهنجون ڳاهيون اسان جي تر جي امير وٽ ٿيل آهن جنهن ۾ پڻ هو ڪوڙ ٿيل آهي هو بار بار اسان تي حملا ڪرائيندو آهي جنهنجي هڪ اين سي مبارڪپور ٿاڻو جڏهن ته هڪ ايف آء آر سلطانپور ٿاڻو تي درج ٿيل آهي پرهو ڏوهاري قسم جو ماڻهون آهي جو هو هر ڀيري اسان تي حملا ڪري اسان کي جان کان مارائڻ ٿو چاهي اڄ به هو ۽ ان جا ماڻھون اسان تي حملو ڪري لٺيون ڪهاڙيون سروٽا هڻي ٽن ماڻھن کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي اسان مبارڪپور پوليس کي بار بار دانهيو آهي پر اسانجي دانهڻ باوجود هن مھل تائين مبارڪپور پوليس ڪوبه قدم ناهي کنيو ۽ نه اسان مٿان حملا روڪرائي سگهي آهي ، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر جي يعقوب مهر سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته اسان مٿان لڳايل الزام بي بنياد آھن زمين جو مسئلي جو فيصلو چڱن مڙسن وٽ رکيل آھي پر هنن اڳرائي ڪري اسان مٿان حملو ڪيو آھي ۽ اسان مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪرائي رهيا آھن ، هوڏانهن ايس ايڇ او مبارڪپور اشرف ڦلپوٽو سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته زخمين کي ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال پنوعاقل روانو ڪيو آھي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪريون پيا، مظاهرو ڪندڙ زخمين جي وارثن آء جي سنڌ ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي ڪري اسان تي ٿيل حملي جي ايف آء آر ڪاٽي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي